Home / شوبز / جيڪي چن جي پٽ جي گرفتاري تي معافي گهر هئي: ڪگنا جو ٽوئٽ

جيڪي چن جي پٽ جي گرفتاري تي معافي گهر هئي: ڪگنا جو ٽوئٽ

ممبئي(شوبز)تڪراري بيانن جي ڪري خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت باليووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان کي پٽ آريان جي گرفتاري تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڪنگنا انسٽاگرام تي ناليواري هاليووڊ اداڪار جيڪي چن ۽ ان جي پُٽ جي حوالي سان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ماضي جو واقعو ياد ڏياريون ته ڪهڙي ريت جيڪي چن پنهنجي پُٽ جيسي چن جي منشيات اسڪينڊل ۾ 2014 ۾ گرفتاري تي معافي گهري هئي. جيسي چن کي 7 سال اڳ پوليس 100 گرام چرس پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو هو. پُٽ جي گرفتاري کانپوءِ جيڪي چن سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾لکيو ته هڪ عوامي شخصيت هجڻ جي ڪري ڏکارو آهيان، پُٽ جي تربيت صحيح نه ڪرڻ تي شرمندا آهيان، ان جي ماءُ به گهري ڏک جو شڪار آهي ۽ مان ان معاملي تي معافي گهران ٿو. ڪنگنا اسٽوري سان گڏ هڪ هيش ٽيگ استعمال ڪيو جنهن سان ظاهري طور ته ائين ٿو لڳي ته هوءَ شاهه رخ خان کي پُٽ جي اهڙي حرڪت تي معافي گهرڻ جو مشورو ڏئي رهي آهي.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے