ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي، بلوچستان جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، صوبي کي درپيش سيڪيورٽي، معاشي ۽ ترقياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبي کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين جي ڪري ملڪ جو دفاع مضبوط ٿيو آهي، اين ايف سي ايوارڊ، وڏن ترقياتي منصوبن، دانش اسڪولز ۽ زرعي سڌارن جي ذريعي گڏجي ويهي اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان کي ترقي جي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ سياسي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر، وفاقي وزير احسن اقبال، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، بلوچستان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مير يونس عزيز زهري، بلوچستان جا صوبائي وزير مير سليم کوسا، مير شعيب نوشيرواني، مير ظهور احمد بليدي، صوبائي صلاحڪار نوابزاده زين بگٽي، اسيمبلي ميمبر، سياسي پارٽين جا قائدين قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالواسع، اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، سينيٽر عبدالقادر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ سياسي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي ۾ سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود موجوده صوبائي حڪومت بلوچستان جي عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي، جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه وانگر بلوچستان به دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، پوليس، ايف سي، رينجرز، ليويز ۽ عام شهرين جون قربانيون تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيون وينديون. هن چيو ته فتنه الخوارج جي خلاف جنگ جاري آهي ۽ بدقسمتي سان ڪجهه پاڙيسري ملڪن پاران دهشتگردن کي معاونت ڏني پئي وڃي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جو عزم پختو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج سچي دل ۽ پروفيشنلزم سان دهشتگردي جي خلاف جنگ جي قيادت ڪري رهيا آهن جهڙي طرح 6 مئي 2025ع تي ڀارت جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي موثر قيادت ڪئي ۽ دشمن کي جيڪو سبق سيکاريو اهو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ايف سي ايوارڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي وقت بلوچستان جو وڏو وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي هو، اين ايف سي تي اسان جون ڪيتريون ئي ويهڪون ٿيون ۽ ان دور ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ ان وقت جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سمورن وڏن وزيرن جي گڏيل تعاون سان صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ممڪن ٿي. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ وڏو علائقو آهي ۽ ان وقت بلوچستان جي وڏي وزير جو مطالبو جائز هو ۽ وڌيڪ فاصلي جي ڪري وسيلا وڌيڪ استعمال ٿيڻا هئا ۽ ان سلسلي ۾ پنجاب پنهنجي حصي مان ساليانو 11 ارب رپيا بلوچستان کي ڏنا، جنهن تي کيس دلي خوشي آهي ۽ اهو اين ايف سي ايوارڊ گذريل 16 سالن کان لاڳو آهي. نئين اين ايف سي ايوارڊ جي لاءِ ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جڏهن ڳالهه ڀائرن ۽ خاندان جي هجي ته پوءِ حصن تي نه پر گڏجي ويهي فيصلا ڪيا وڃن ٿا، انهي اتحاد ۽ اتفاق سان وفاق کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ صوبن جي وچ ۾ فاصلن کي ختم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا ڪراچي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو پيو وڃي، ڪوئيٽا ڪراچي رستو بهترين رستو هوندو جتي ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي ٿيندي، اهو ڀائيچاري ۽ قومي يڪجهتي جو مثال آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ هڪ ئي وقت 5 دانش اسڪولز قائم ڪيا پيا وڃن، جتي قلعه سيف الله کان تربت تائين غريب ۽ وسيلن کان محروم خاندانن جا ٻار ۽ ٻارڙيون معياري تعليم حاصل ڪندا ۽ مستقبل ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي گڏجي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ مشاورت جي ذريعي سمورن چئلينجز جو حل ڳوليو ويندو. ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته نواز شريف سدائين بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي آهي ۽ وفاق صوبي سان گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي اڳتي وٺي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي انتهائي خوشي آهي ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولر تي منتقلي خوش اسلوبي سان مڪمل ٿي. هن چيو ته سال 2022ع ۾ ٻوڏ سبب بلوچستان ۾ تباهي ٿي ته وفاقي حڪومت ورلڊ بئنڪ کان 400 ملين ڊالرز جا فنڊز حاصل ڪيا، جيڪي صوبي جي بحالي تي خرچ ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ويهي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.
DailyWaka Sindhi News Papers