اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ 27هين آئيني ترميم جي نئين ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظوري ڪري ورتي آهي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم جو نئون متن پيش ڪيو ويو. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم جي نئين متن کي سينيٽ ۾ پيش ڪيو جنهن کان پوءِ ترميم کي شق وار منظور ڪيو ويو قانون واري وزير طرفان ترميم پيش ڪرڻ جي موقعي تي اپوزيشن ايوان ۾ ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪيو جڏهن ته ترميم جي شق وار منظوري دوران به اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. اپوزيشن ميمبرن عدليه جي تباهي نامنظور جا نعرا لڳايا جنهن تي سينيٽ چيئرمين انهن کي نعريبازي کان منع ڪيو پي ٽي آءِ جي فلڪ ناز مرزا آفريدي ۽ فيصل جاويد چيرمين ڊائس جي سامهون ڌرڻو هڻي ڇڏيو جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبرن ووٽ جو حصو نه بڻيا جي يو آءِ جي 4 ميمبرن بل جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ احمد خان ووٽ آئيني ترميم جي حق ۾ ڏنو. ڪلاز 2 ۾ ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ آيا ۽ ترميم جي خلاف 4 ووٽ پيا 27 هين آئيني ترميم جي شق وار منظوري کان پوءِ ورهاست سان گڏ ووٽ جو عمل ڪيو ويو ۽ سينيٽ ۾ گهنٽيون وڄايون ويون جڏهن ته انهي دوران سينيٽ هال جا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪيا ويا جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته 27هين آئيني ترميم جي نئين ترميم جي ووٽنگ دوران 64 ووٽ بل جي حمايت ۾ ۽ 4 مخالفت ۾ پيا. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظوري جو اعلان ڪيو اعظم نذير ايوان کي ٻڌايو ته آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مان جيڪو سينئر هوندو اهو چيف جسٽس پاڪستان هوندو، صدر جو حلف چيف جسٽس پاڪستان کڻندو ۽ اليڪشن ڪميشن جو حلف چيف جسٽس پاڪستان وٺندو 27 هين آئيني ترميم ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي، اپوزيشن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر ڊائس جي سامهون احتجاج ڪندي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو. 27هين ترميم جي منظوري لاءِ حڪومت وٽ گهربل 224 کان وڌيڪ 234 ميمبر موجود هئا. پر جي يو آءِ(ف) مخالفت ۾ ووٽ ڏن قومي اسيمبلي ۾ 27هين ترميم ۾ 8 نيون ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، حڪومت تجويزن تي آرٽيڪل 6 جي ڪلاز ۾ 2 تبديليون ڪري ڇڏيون ڪلاز 2 جي تحت سنگين غداري جو عمل ڪنهن به عدالت جي ذريعي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي. آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سان گڏ آئيني عدالت جي لفظ جو اضافو ڪيو ويو موجوده چيف جسٽس کي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ تائين چيف جسٽس پاڪستان چيو ويندو، انهي کان پوءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت مان سينئر ترين جج چيف جسٽس پاڪستان هوندو. هوڏانهن وفاقي ڪابينه جو اجلاس به اڄ ٻنپهرن جو طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪابينه آئيني ترميم جي روشني ۾ قانون ۾ تبديلين جي منظوري ڏيندي
DailyWaka Sindhi News Papers