ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.رپورٽن موجب آغا سراج دراني 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. پ پ جي سينئر اڳواڻ کي هڪ مهينو اڳ برين هيمبرج ٿيو هو جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. ڪجهه اڳ سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي اڄ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ هو. هو 5 آڪٽوبر 1953ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي هئي ۽ سنڌ مسلم گورنمنٽ لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. آغا سراج دراني کي 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ جو اعزاز حاصل هو.آغا سراج دراني 31 مئي 2013 کان 25 مئي 2024 تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو. هو مارچ 2022 کان آڪٽوبر 2022 تائين وقتي سنڌ جي گورنر واري عهدي تي به مقرر هيو.آغا سراج دراني چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پيپلز پارٽي سان جڙيل هيو. 1988ع ۾ پهريون سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجو. 3 ڀيرا صوبائي وزير ۽ 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو. انهي جو شمار شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي ڀروسي جوڳن ساٿين ۾ ٿيندو هو.ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي جي خبر تي ڏک جو اظهار ڪندي انهي جي سياسي ۽ جمهوري خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف به سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ وارثن لاءِ به صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته آغا سراج دراني بطور سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور اهم خدمتون سرانجام ڏنيون.انهي جي سياسي ۽ عوامي فلاح وبهبود جي لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو ته مراد علي شاهه ضياءُالدين اسپتال پهتو ۽ آغا سراج دراني جي خاندان سان ملاقات ڪئي. مرحوم جي پٽ ۽ ڀاءُ سان مليو ۽ ڏک ونڊيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو مخلص، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو.سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ به آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ آغا سراج دراني جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن. آغا سراج دراني هڪ باوقار، وفادار ۽ تجربيڪاري سياسي اڳواڻ هو جنهن هميشه صوبي جي عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بنايو.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار به سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آغا سراج دراني جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته مرحوم آغا سراج دراني جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي نمائندگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آغا سراج دراني جهڙا بااصول سياستدان گهٽ پيدا ٿيندا آهن.انهي کان علاوه ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کهئيل داس ڪوهستاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سميت ٻين به پنهنجي جاري ڪيل بيانن ۾ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر مرحوم آغا سراج دراني کي خراج عقيدت پيش ڪندي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته پارٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، آغا سراج دراني پاڪستان پيپلزپارٽي جو اثاثو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ مرحوم جون خدمتون تاريخ جو حصو آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ تجربيڪار سياستدان ۽ شهيد ڀٽو جي سپاهي کان محروم ٿي وئي آهي.
