اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽آءِ ايم ايف جي وچ ۾ گوڊ گورننس ۽ ڪرپشن فريم ورڪ تي اختلاف برقرار آهي جڏهن ته ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن آهي ذريعن موجب حڪومت ڪرپشن فريم ورڪ تي فريم ورڪ جي جائزي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 جي آفيسرن جي اثاثن جي تفصيل ايف بي آر کي ڏيڻ جا قاعدا به تيار ٿي چڪا آهي آءِ ايم ايف جي سفارشن موجب ٻڌايو ويو آهي ته اڻچونڊيل مشيرن ۽ مددگارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي ڪرپشن روڪڻ ۽ ڄاڻ تائين پهچڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي اينٽي ڪرپشڻ ادارن کي مني لانڊرنگ ڪيسن جو اختيار ڏيڻ جي سفارش هيٺ آهي پاڪستان آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي آهي ته خاص اقتصادي زونگ ۾ مراعتون ختم نه ڪيون وڃن ۽ 2035 تائين ٽيڪس مراعتون ختم ڪرڻ جي شرط تي نظر ثاني جي اپيل ڪئي وئي آهي جڏهن ته مشن پاران هي مطالبو نه مڃڻ تي اقتصادي زونز ۾ مراعتون ختم ڪرڻ جو متبادل پلان تيار ڪيو پيو وڃي
