بريڪنگ نيوز

پاڪستان جي معيشت تي تازي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ گهُرجي: وزيراعظم

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان سان ڊگهي عرصي کان تعميري ڀائيواري جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام تحت مختلف هدف ۽ واعدا پورا ڪرڻ لاءِ مسلسل اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، تازي ٻوڏ جي مُلڪ جي معيشت تي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ گهُرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان ڊگهي مُدي کان تعميري ڀائيواري جي واکاڻ ڪئي جيڪا مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي اڳواڻي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. وزيراعظم مختلف قدمن ذريعي آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي بروقت حمايت جو اعتراف ڪيو، جنهن ۾ مالي سال 2024ع ۾ 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ، ان کانپوءِ 7 ارب ڊالر جو اضافي فنڊ جي سهُولت (اي ايف ايف) ۽ 1.4 ارب ڊالر جو ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسليٽي (آر ايس ايف) شامل آهن. مضبوط عزم سان ڪيل مسلسل سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام جا مثبت اشارا آهن ۽ هاڻي معيشت تيزي سان بحالي طرف وڌي رهي آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيو، جيڪا حڪومت جي معاشي سڌارن جي ڪوششن ۾ رهنمائي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف پروگرام تحت مختلف هدفن ۽ وعدن کي پورو ڪرڻ جي مسلسل اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت تي تازي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ گهُرجي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن بحالي جي موثر قدمن جي لاءِ نقصان جي ڪاٿي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مضبوط ميڪرو معاشي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ آءِ ايم ايف جي مسلسل حمايت کي ورجايو ڇو ته پاڪستان پائيدار ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري معاشي سڌارن تي عمل پيرا آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے