بريڪنگ نيوز

افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي سندن قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي: پاڪستان

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ واضح ڪيو آهي ته افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي سندن قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد طالبان اڳواڻن تي زور ڀريو ته اهي دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پنهنجا عالمي واعدا پورا ڪن. پاڪستاني نمائندي افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته اٽڪل 6 هزار ويڙهاڪن تي ٻڌل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) افغانستان جي سرزمين تي گڏيل قومن طرفان نامزد ڪيل سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي ۽ بلوچستان لبريشن آرمي جي دهشتگردن جي افغانستن مان مداخلت وارين ڪيترن ئي ڪوششن کي ناڪام بڻايو آهي، انهن ڪوششن دوران عالمي فوج، خاص طور تي آمريڪي فوج پاران ڇڏيل جديد فوجي هٿيارن جي وڏي کيپ پڻ ضبط ڪئي وئي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن ڪوششن جي هڪ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين جون وڏيون قربانيون شامل آهن. هن هلندڙ مهيني ۾ هڪ ئي واقعي ۾ 12 پاڪستاني فوجين جي شهادت جو حوالو ڏيندي چيو ته اها صورتحال برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. هن چيو ته داعش، القاعده، ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ”مجيد برگيڊ“ جهڙا دهشتگرد گروپ افغانستان جي پناهگاهن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جتي 60 کان وڌيڪ اهڙيون دهشتگرد ڪيمپون موجود آهن جيڪي سرحد پار حملن ۽ مداخلت جي مرڪز طور استعمال ٿي رهيون آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان مستقل لاڳاپن جي هميشه حمايت ڪئي آهي ۽ زور ڀريو آهي ته طالبان تي پابندين جو نظام سياسي مقصدن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، هن افغانستان ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين تي لاڳو پابندين کي اسلامي روايتن ۽ مسلمان معاشري جي اصولن خلاف قرار ڏنو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن کي باعزت، مرحليوار ۽ منظم طريقي سان واپس موڪليو ويو آهي، هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اهي ان بار کي منصفاڻي طور تي ورهائڻ لاءِ پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ارڙهين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن کي بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے