بريڪنگ نيوز

عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ انصاف جي فراهمي پوليس جو نصب العين آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ عام ماڻهن کي انصاف جي فراهمي پوليس جو نصب العين آهي، ميرٽ تي عملدرآمد هڪ شاندار معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ باوقار معيار آهي، نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ معياري تربيت ۽ رهائش جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين، تربيت جي لاءِ آفيسرن کي چين به موڪليو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ پوليس آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ اعليٰ پوليس آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن تربيت کانپوءِ ميدان عمل ۾ ذميواريون ادا ڪندي عام ماڻهن کي انصاف  فراهم ڪرڻو هوندو آهي، انهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان جي تربيت جو معيار بهترين هجي ۽ ان جي لاءِ پوليس آفيسرن کي سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ تربيت جي نصاب جو بنيادي مقصد عام ماڻهن جي حفاظت ۽ انهن کي انصاف ڏيڻ هجي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به مهذب معاشري جي لاءِ اهي عمل انتهائي اهميت رکندڙ هوندا آهن، هدف تڏهن ئي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي جڏهن توهان جي تربيت ۽ بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ بطور وڏي وزير اسان ايليٽ فورس قائم ڪئي هئي ۽ ان پوليس فورس قائم ڪرڻ جو مقصد اشرافيه جي حفاظت نه پر دهشتگرد ۽ سماج دشمن عنصرن جو خاتمو ڪرڻ آهي، اهڙي طرح اسان پاڪستان ۽ خطي جي پهرين سيف سٽي پراجيڪٽ عمل ۾ آندو جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو پئي ويو ته دهشتگردي جي خاتمي جو ادارو قائم ڪيو ويو، اهو هڪ شاندار ادارو آهي، اهڙي طرح لاهور ۾ ملڪ جي پهرين فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪئي وئي، اهي ادارا دهشتگردي ۽ سماج دشمن عنصرن جي خاتمي جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سمورن ادارن گڏجي عام ماڻهو جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي اعليٰ معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن، پوليس اڪيڊمي ۾ معياري تربيت ۽ رهائش جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ سندس وزارت اعليٰ جي دور ۾ پوليس اهلڪار ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا، جيڪڏهن مون کي ڪا شڪايت به ملي ته ذميوار آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، ميرٽ تي عملدرآمد هڪ شاندار معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ باوقار معيار آهي، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم ان مقصد جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن، اهي انشاءَ الله قوم جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته اسان کي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي ماحول کي بهتر بڻائڻو آهي، گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جي مڪمل رنگ روغن جو فيصلو ڪري چڪو آهي، اڪيڊمي ۾ اهڙو ماحول قائم ٿيندو جيڪو ڪنهن به تربيت گاهه ۾ هجڻ لازمي آهي، پوليس اڪيڊمي ۾ ماسٽرز جي ڊگري ڏني ويندي. هن چيو ته 25 ايڪڙ تي ٻڌل نيشنل پوليس اڪيڊمي قائم ڪئي پئي وڃي، جهڙي طرح بيديان لاهور ۾ ايليٽ ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو ويو آهي اهڙي طرح اسلام آباد ۾ به ان کان به بهتر ايليٽ ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو ويندو. ان کانسواءِ فائرنگ رينج پڻ ٺاهي ويندي، تربيت هيٺ آفيسرن جي لاءِ هاسٽل پڻ تعمير ڪيو ويندو، پوليس آفيسرن کي هڪ مهيني جي تربيت جي لاءِ چين پڻ موڪليو ويندو. وزيراعظم چيو ته تربيت هيٺ پوليس آفيسر قوم جا فخر جوڳا فرزند ۽ ڌيئرون آهن، انهن جو تعلق سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير سان آهي، گهرو وزير گلگت بلتستان جي ڪوٽا تي عملدرآمد کي پڻ يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته شهيدن ۾ اسان جا پوليس آفيسر ۽ جوان به شامل آهن، جهلم ۾ هڪ پوليس اهلڪار ماڻهن جون حياتيون بچائيندي پاڻ شهيد ٿي ويو، اهڙي طرح پوليس جا آفيسر ۽ جوان فرض جي ادائيگي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ وطن جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن ان کان وڏي ٻي ڪا قرباني نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي بهادر پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، رينجرز ۽ ايف سي بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائي رهيا آهن، اسان انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي وزيراعظم تربيت هيٺ پوليس آفيسرن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ۽ تربيت ماڻيندڙ پوليس آفيسرن کي سهولتن جي فراهمي ۽ تربيت جي معيار جي بهتري جي لاءِ فائرنگ رينج ۽ هاسٽل جي تعمير جي ٻن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ان کان اڳ گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته هڪ سال اڳ اڪيڊمي جو دورو ڪيو هو ته ان جي حالت تمام خراب هئي، اڪيڊمي ۾ ڪو اسٽاف ميمبر نه هو پر هي هڪ ڊمپنگ اسٽيشن بڻجي چڪي هئي، وزيراعظم سان اڪيڊمي جي رنگ روغن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، پي ايم اي طرز تي پوليس اڪيڊمي ۽ تربيت جو معيار بهتر بڻائينداسين. هن چيو ته اڪيڊمي ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو تربيت جي لاءِ ايندا هئا، اڪيڊمي ۾ گڏيل قومون پنهنجو پروگرام  پڻ شروع ڪندو، سائبر ڪرائيم، ڪريمنالوجي جهڙا جديد نوان ڪورسز متعارف ڪرايا ويندا، تربيت ڏيندڙ آفيسرن کي مناسب پگهار ڏنو ويندو، اسان جو مقصد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جديد تربيت کي فروغ ڏيڻ آهي، اسسٽنٽ ڪورس ڪمانڊرز پڻ ڏنا ويندا ته جيئن بهترين آفيسر تيار ڪري سگهجن، هاڻي نيشنل پوليس اڪيڊمي ڊمپنگ اسٽيشن نه رهندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے