بريڪنگ نيوز

سينيٽ چونڊن ۾ هڪ نالو به عمران جي مشاورت کان سواءِ ناهي وڌو ويو: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هڪ نالو به عمران خان جي مشاورت کان سواءِ ناهي وڌو ويو.جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون بهتر طريقي سان ٿيون، تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن جي لاءِ سمورا نالا پهريان ئي فائنل ڪري ورتا هئا هڪ نالو به اهڙو ناهي جيڪو پي  ٽي آءِ باني جي مشاورت کان سواءِ وڌو ويو هجي.هن چيو ته تحريڪ انصاف کي 6 سيٽون مليون آهن، مارچ 2024 ۾ خيبرپختونخواهه سينيٽ چونڊن جو معاملو فائنل ٿي ويو، مخصوص سيٽن سبب خيبرپختونخواهه سينيٽ چونڊن جي معاملي ۾ بريڪ اچي ويو هو، مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيو ته ائين لڳو ته اسان کي ايٽريون سيٽون هاڻ نه ملنديون جيتريون بڻجن ٿيون.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته 9 مئي کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندڙ ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي ڳالهه صحيح ناهي، عمران خان مرزا آفريدي جو نالو فائنل ڪيو هو ۽ هن پارٽي جي خلاف ڪوبه بيان ناهي ڏنو. مرزا آفريدي پارٽي بيان ۽ پارٽي مفادن ۾ هميشه اسان سان گڏ رهيو.بيرسٽر گوهر چيو ته 2 سال ٿي ويا آهن، هاڻ سختيون ختم ٿيڻ گهرجن. عمران خان سان ملاقات بابت عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، انهي سان آخري ملاقات بيرسٽر سيف جي ٿي ۽ پوءِ ڀينرن جي ملاقات ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي ڪڍڻو نٿو پوي، ماڻهو پاڻ نڪرندا آهن، عمران خان احتجاج جي جيل مان پاڻ اڳواڻي ڪندو. ڳالهين جو وقت ختم ٿي چڪو، هاڻ جيڪو به ٿيندو پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي ٿيندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے