ڪراچي مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 14 آگسٽ تي "معرڪھ حق” ۽ آزادي جي ڏينهن جي سلسلي ۾ پوري سنڌ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ حڪومت پاران 14 آگسٽ تي سنڌ صوبي ۾ آزادي جي ڏينهن جي تقريب کي شاندار، منفرد ۽ يادگار بڻائڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪئي، جڏهن ته صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، سيد ذوالفقار شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا اهم سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، سيڪريٽري اوقاف ۽ زڪوات مريد حسين راهمون، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊاڪٽر وسيم شمشاد علي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ۽ عورتن جي ترقي کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد زرداري پڻ شرڪت ڪئي. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ميئرز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جو واحد ايجنڊا 14 آگسٽ جون تقريبون هيون، جنهن تي محدود پر وڏي پيماني تي، مرڪزي ۽ منفرد انداز ۾ ملهائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آزادي جي ڏينهن جون تقريبون 1 آگسٽ کان شروع ٿينديون ۽ اهي تقريبون 15 آگسٽ يا آگسٽ جي پوري مهيني دوران جاري رهنديون. هن زور ڀريو ته آپريشن ‘بنيان مرصوص’ کي تقريب جو حصو بڻايو وڃي، پوري صوبي ۾ برانڊنگ جو انتظام ڪيو وڃي ۽ هر ضلعي ۾ هڪ مرڪزي ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته فشريز ريلي، فيملي فيسٽيول، ۽ شاپنگ سينٽرن ۽ مالز ۾ برانڊنگ ڪئي وڃي. ماحول کي جشن جي رنگن سان روشنين ۽ قومي گيتن سان ڀريو وڃي، شاپنگ سينٽرن ۽ مالز ۾ برانڊنگ لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي ويندي، سرڪاري گاڏين، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اهم عوامي هنڌن تي قومي جهنڊا لڳايا وڃن، جڏهن ته وڻ پوکڻ جي مهم کي نه ختم ٿيندڙ وارو سلسلو شروع ڪيو وڃي. هن اھا به تجويز ڏني ته مکيه تقريب ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي منعقد ڪئي وڃي.اجلاس ۾ توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آزادي جي ڏينهن جي تقريب کي باوقار ۽ متاثر ڪندڙ بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ قومي اتحاد ۽ حب الوطني جو جذبو وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته "بنيان مرصوص” تحت حاصل ڪيل ڪاميابيون پياري وطن جي تحفظ ۽ ترقي جي هڪ روشن مثال آهن، جن کي ماڻهن جي سامهون اجاگر ڪرڻ گهرجي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جشن ۾ عوام جي مڪمل شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نوجوان نسل کي قومي تاريخ ۽ قربانين کان آگاهه ڪيو وڃي، قومي جشن دوران خاص پروگرام، ثقافتي نمائشون، سيمينار ۽ مشعل ريليون منعقد ڪيون وڃن، تقريبن کي ڀرپور ۽ متاثر ڪندڙ بڻايو وڃي ۽ "بنيان مرصوص” جي قربانين کي اجاگر ڪيو وڃي. محنت ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته برسات ۽ چهلم کي نظر ۾ رکندي جشن جي رٿابندي احتياط سان ڪئي وڃي. هن تجويز ڏني ته قومي هيروز ۽ اهم شخصيتن جا پيغام عوام تائين پهچايا وڃن، رت عطيو ڪرڻ جون ڪئمپون لڳايون وڃن ۽ سڀني تعليمي ادارن لاءِ هڪجهڙو ڊريس ڪوڊ برقرار رکيو وڃي.
