بريڪنگ نيوز

سنڌ حڪومت جو ڪراچيءَ ۾ انتهائي زبون حال عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم، سنڌ سرڪار ۽ اسين سڀ هن سانحي تي غمگين آهيون. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واقعي جو نوٽيس وٺندي فيصلو ڪيو ويو ته ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڪراچي ۾ گھر معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ مڪاني ادارن ۽ پروھئي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير فوري طور تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ٻه ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي پريس ڪانفرنس دوران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪميٽي جي سربراهي ڪمشنر ڪراچي ڪندو ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جون 51 انتهائي زبون حال عمارتون فوري طور ڊاهيون وڃن. وڌيڪ 588 زبون عمارتن جي به ڪمشنر ڪراچي جي نگراني هيٺ جانچ ڪئي ويندي ته جيئن خطرناڪ عمارتن کي وقت سر خالي ڪري ۽ ڊاھي سگھجي سعيد غني چيو ته لياري جي متاثر ٿيل خاندانن کي في فرد 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 2022 کان متاثر علائقي ۾ مقرر ڪيل سمورن آفيسرن کي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ جنهن آفيسر جي لاپرواهي ثابت ٿي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار به واقعي کي "هڪ وڏو الميو” قرار ڏيندي چيو ته مجرماڻي ڪوتاھي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين گرفتار ڪيو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊز ۽ سنڌ سرڪار جا پنهنجا پنهنجا قانون آهن، اڄ وڏي وزير چيو آھي ته جيڪو به ملوث هجي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچين آباديءَ کي ڏسي رهيا آهيون، سنڌ ۾ ست سئو چاليھھ عمارتون اهڙيون آهن جن کي ٿوري گهڻي مرمت جي ضرورت آهي، ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، اسان ڪورونا ۽ ٻوڏ دوران بھ متاثرن لاءِ به بندوبست ڪيو هو هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتون هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ ايس بي سي اي جي ذميواري آهي ته اھڙين اڏاوتن کي روڪين. هن چيو ته ايس بي سي اي جي قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي ۽ ٻن هفتن ۾ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن غير قانوني اڏاوتن ۽ زبون عمارتن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اهو به غور ڪري رهي آهي ته عمارتون ڊاهڻ جو اختيار ايس بي سي اي کي ڏنو وڃي يا ڪنهن نجي اداري حوالي ڪيو وڃي. ڪميٽي جي سفارشات کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ضرورت پئي ته ان تي به عمل ڪيو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے