بريڪنگ نيوز

سخت فيصلن سان معيشت بحال ٿي، غلطيون ٻيهر نه ورجايون وڃن: گورنر اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ناڻي جي  مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر کان مٿي ٿي ويا آهن. حڪومت  ۽ مرڪزي بينڪ جي سخت فيصلن سبب معيشت بحال ٿي آهي، اڳ جهڙيون غلطيون ٻيهر نه ورجايون وڃن. ويمن آنئرپرينيور فنانس ڪوڊ پاڪستان جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته افراط زر گهٽ ترين سطح تي آهي، ترسيلات زر ۽ برآمدات سبب ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو آهي. جميل احمد وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار طريقي سان معاشي سرگرميون وڌي رهيون آحن، مالياتي پاليسي زري پاليسي کي سپوٽ ڪيو جنهن سبب معاشي بهتري ٿي آهي. هن چيو ته ماضي جي مسئلن کان بچڻ جي لاءِ ضروري آهي ته غلطيون نه ورجايون وڃن. اسان کي انهي موقعي مان فائدو کڻي پائيدار معيشت طرفان وڌڻو پوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے