بريڪنگ نيوز

پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ لاءِ صلاحڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) پاليسي بورڊ جو 47 هون اجلاس خميس ڏينهن وڏي وزير هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ شهري آمدرفت، فني تعليم، تفريحي ماڳن ۽ روڊ رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي اهم انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ / ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن، بورڊ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. بورڊ مختلف ايجنڊا پوائنٽن تي اهم حڪمت عملي وارا فيصلا ڪيا جن ۾ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ، STEVTA تحت ٽيڪنيڪل تعليم ۾ سڌارا، حيدرآباد ۾ راڻي باغ جي بحالي ۽ شاهراهه ڀٽو ڪوريڊور جي اڳڀرائي شامل هئي. پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ :  ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ بورڊ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن تحت شهر ۾ 1,000 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون وينديون. ايڊوائيزر هڪ نجي ڪنسورشيم پاران پيش ڪيل يونڪ سيلنگ پروپوزل (USP) جو جائزو وٺندا ۽ جيڪڏهن اهو قابل عمل ٿيو ته PPP ماڊل تحت تفصيلي منصوبي تي عمل ڪيو ويندو جنهن ۾ مرحليوار 600 ٻارهن ميٽر ۽ 400 اٺ ميٽر اليڪٽرڪ بسن جي خريداري ۽ آپريشن شامل هوندو. منصوبي تحت 10 بس ڊپو تعمير ڪيا ويندا ۽ 10 سالن جي ڪنسيشن عرصي ۾ في ڪلوميٽر ادائيگي جي بنياد تي بسون هلنديون ان کانپوءِ اثاثا حڪومت کي منتقل ٿيندا. ٽيڪنيڪل ايويليويشن ڪميٽي (TEC) منصوبي کي پائيدار شهري آمدرفت جي مقصدن سان هم آهنگ قرار ڏنو ۽ اڳ مقرر ڪيل ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر ذريعي تيز عملدرآمد جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن دير کان بچي سگهجي. شاهراهه ڀٽو پروجيڪٽ:  بورڊ شاهراهه ڀٽو هاءِ اسپيڊ ڪوريڊور تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جيڪو 39 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ڪورنگي ڪِريڪ ايونيو (ڊي ايڇ اي) کان ايم 9 موٽروَي ڀرسان ڪاٺوڙ تائين وڃي ٿو. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون (SEZ) ؛  بورڊ ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي منصوبي تي تفصيل سان بحث ڪيو ۽ تعميراتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن جلد کان جلد صنعتي سرگرميون شروع ٿي سگهن. اسٽيوٽا STEVTA سڌارا :  بورڊ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (STEVTA) جي 83 ادارن جي جديدڪاري لاءِ فيزيبلٽي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري سروسز لاءِ PDF فنڊنگ جي منظوري جي تجويز جو جائزو ورتو. اهو قدم اسٽيوٽا جي 259 مان هڪ ٽئين حصي جي ادارن کي ھدف بڻائيندو جنهن جو مقصد انفراسٽرڪچر جي کوٽ، نصاب جي عدم مطابقت ۽ صنعت سان رابطي جي کوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. چوندو ته هن شعبي ۾ 540 نجي ادارا به ڪم ڪري رهيا آهن تنهنڪري هي ڪوشش نيشنل اسڪل اسٽريٽجي ۽ پائيدا ترقياتي ھدف SDGs کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم آهي. راڻي باغ بحالي منصوبي : حيدرآباد ۾ راڻي باغ جي بحالي واري منصوبي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. بورڊ کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪنيڪل ۽ فنانشل ايويليويشن ڪميٽي (TFEC) پسنديده بولي ڏيندڙ کي ليٽر آف ايوارڊ جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ماسٽر پلان کي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي چڪا آهن ۽ حتمي ڪنسيشن معاهدو ۽ لاڳاپيل دستاويز دستخط لاءِ تيار آهن. هي منصوبو عوام کي بھتر سهولتون، تفريحي موقعا ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيندو، نون روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ مقامي ڪاروبار کي هٿي ڏيندو. سکر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ :  بورڊ کي سکر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ جي حدن ۽ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر بابت آگاهي ڏني وئي. بورڊ سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر ۽ پريزنٽيشن کي ٻيهر تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪري.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے