ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو آهي ته پاڪستان يپپلز پارٽي(پي پي پي) هن وقت وفاقي حڪومت ۾ شموليت تي غور نه پئي ڪري، مسلم ليگ(ن) طرفان پيپلز پارٽي کي حڪومت جو حصو بنجڻ جي دعوت ناهي ڏني وئي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مستقبل ۾ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي تجويز ڏني ئي ته شايد پارٽي انهي تي غور ڪري. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) سياسي حقيقت آهي، پر عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ باني عمران خان منفي سياست ڇڏي مثبت طريقي سان سياست ڪري.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري رهيو آهي، هن کي پنهنجي رويي کي صحيح ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ سمورين سياسي پارٽين جيان سياست ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.صوبائي وزير چيو ته سوات سانحي تي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪرڻ گهرجي، سياحت جي لاءِ ويل ماڻهو پنهنجي حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا، اهڙن واقعن تي ڏک پهتو آهي.
