بريڪنگ نيوز

ڪراچي رهڻ جوڳو ناهي ته پوءِ مُلڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو هتي ڇو اچي رهيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سوال اُٿاريو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي رهڻ جوڳو نه آهي ته پوءِ سڄي ملڪ مان ماڻهو هتي ڇو اچي رهيا آهن؟سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ تي واويلا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڪراچي رهائش جوڳو شهر نه آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهو هتي ڇو اچي رهيا آهن؟هن اِهو به چيو ته جيڪڏهن ڪراچي رهائش جي لائق نه آهي ته پوءِ ماڻهو لاهور، اسلام آباد يا پشاور ڇو نه ٿا وڃن؟هن چيو ته مڃيون ڪراچي ۾ مسئلا آهن، پر 3 ڪروڙ ماڻهن ڪنهن نه ڪنهن ريت پاڻي ملي رهيو آهي، شهر ۾ صفائي به ٿي رهي آهي، ڪچرو به کڄي رهيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي نوڪرين ۽ ڪم ڪار تي به وڃي رهيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے