بريڪنگ نيوز

جهاد جو اعلان صرف رياست ڪري سگهي ٿي، ڪنهن ماڻهو يا گروپ کي اهو اختيار نه آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جهاد جو اعلان صرف رياست ئي ڪري سگهي ٿي، ڪنهن ماڻهو يا گروپ کي اهو اختيار حاصل نه آهي.آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪراچي ۾ مختلف مذهبن ۽ سماجي حلقن سان ملاقاتون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.مختلف مذهبن ۽ سماجي حلقن طرفان ڊي جي آءِ ايس پي جي آجيان ۽ ڀرپور يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو ويو. مختلف مذهب ۽ سماجي طبقن جي نمائندن ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ملاقاتن کي قدر جوڳو قرار ڏنو.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن کي مڃيندڙ برابر جا شهري آهن جن کي آئيني طور تي مڪمل حق حاصل آهن، قومي اتحاد، برابري ۽ هم آهنگي سان ئي قائم رهندو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي پاڪ فوج جديد جنگي حڪمت عملي سان دشمن کي جواب ڏئي رهي آهي، نسلي يا لساني نفرت جهالت آهي.هن چيو ته سمورا پاڪستاني برابر آهن، متحد رهندا ته ڪابه طاقت اسان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، جهاد جو اعلان  صرف رياست ڪري سگهي ٿي، ڪنهن به ماڻهو يا گروپ کي اهو اختيار حاصل نه آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڻهن کي پئسا بينڪ ۾ رکڻ جي بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے