تهران/( مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي جديد ترين(بي 2) بمبار جهازن سان ايران جي 3 ايٽمي ٺڪاڻن فردو، نطنز ۽ اصفهان کي نشانو بنايو آهي، آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته هن حملي ۾ فردو جي ايٽمي پلانٽ کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي جهازن ايران جي 3 ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي جهازن فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ واقع ايراني نيو ڪليئر ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ۾ حملي جي حوالي سان تفصيل شيئر ڪندي چيو آهي ته ايران جي ٽن ايٽمي سائٽس تي ڪامياب حملو مڪمل ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪي فضائيه ايران جي 3 اهم ايٽمي مرڪزن تي ڪامياب حملو ڪيو، جنهن ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان جي ايٽمي سائٽس کي نشانو بنايو ويو، حملي ۾ فردو ايٽمي پلانٽ مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي.حملي جي دوران سمورا جهاز ايران جي فضائي حدن کان ٻاهر پهچي چڪا آهن ۽ انهن جي واپسي جو سفر ڪاميابي سان جاري آهي. صدر ٽرمپ چيو ته فردو ايٽمي مرڪز تي بمن جو مڪمل پي لوڊ ڪيرايو ويو جنهن سان انهي اهم ايٽمي سائٽ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. آمريڪي صدر انهي ڪارروائي کي دنيا جي سڀني کان پيشوارانه ڪامياب فضائي ڪارروائي قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ٻئي فوجي اداري وٽ اهڙي نوعيت جو آپريشن ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي.هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اها شاندار ڪاميابي آهي انهي جو ڪريڊٽ اسان جي بهادر آمريڪي فوجين ڏانهن وڃي ٿو. هاڻ وقت آهي ته اسان امن جي طرف قدم وڌايون. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جيڪڏهن هاڻ به نه مڃيو ته اسان ٻيهر حملا جاري رکنداسين.ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب ايراني اختيارين آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ هر هڪ آمريڪي شهري ۽ فوجي اسان جا حدف آهن، آمريڪي حملي تي ايران ڀرپور جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم حملي تي صدر ٽرمپ جو ٿورو ادا ڪيو، جڏهن ته مبينه طور تي انهي حملي ۾ بي 2 بمبار جهاز استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل ڏينهن ئي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي پهچايا ويا هئا.ايران آمريڪي حملن جي نتيجي ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايٽمي سائٽس تي ٿيندڙ بمباري جي پهريون ڀيرو سرڪاري طور تي تصديق ڪئي آهي. ايران جي سرڪاري نويز ايجنسي موجب صوبه قُم جي ڪرائسس مينجمينٽ جي ترجمان مرتضيٰ حيدري ٻڌايو ته فردو ايٽمي مرڪز جي هڪ حصي تي فضائي حملو ٿيو آهي.ياد رهي ته انهي کان اڳ ايران جي سرڪاري ٽي وي تي ايران جي نائب سياسي ڊاڪٽر ڊائريڪٽر حسن آبادي اها دعويٰ ڪئي هئي ته انهن ٽنهي ايٽمي سائٽس کي حملي کان اڳ ئي خالي ڪرايو ويو هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جون ڳالهيون سچيون آهن پر ايران ڪوبه وڏو نقصان ناهي کنيو ڇو ته ايٽمي مواد اڳ ئي ڪڍيو ويو هو.
