بريڪنگ نيوز

بجيٽ ۾ پينشن لاءِ فنڊز جو ڳاڻيٽو هڪ ٽريلين روپين کان وڌي ويو آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ڍانچا جاتي سڌارن تي پائيدار بنيادن تي عمل ڪيو پيو وڃي. آمريڪي ٽيرف جي حوالي سان پاڪستان چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ آهي، بجيٽ ۾ پينشن لاءِ فنڊز جو ڳاڻيٽو هڪ ٽريلين روپين کان وڌي ويو آهي، جيڪو ترقياتي بجيٽ کان وڌيڪ آهي. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال ۽ هن ملڪ تي سندس امڪاني معاشي اثرن جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. گذريل ڏينهن ان حوالي سان سمورن شراڪتدارن سان اسان جون فائديمند ڳالهيون ٿيون. ان جو مقصد توانائي جي معقول ذخيرن ۽ انهن جي قيمتن جي نگراني کي يقيني بڻائڻ آهي. حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اسان کي اميد آهي ته صورتحال م بهتري ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل رات سندس آمريڪي واپار واري وزير سان سٺيون ڳالهيون ٿيون.. ٻئي ملڪ درست رخ ۾ قدم کڻي رهيا آهن. آمريڪي ٽيرف جي حوالي سان پاڪستان هڪ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ آهي، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، ايس او ايز ۽ توانائي سميت قومي معيشت جي اهم شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو. سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ قرضن جا منظم انتظامن جا قدم کنيا پيا وڃن. پينشن سميت ٻين شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري اهي ۽ اسان کي ان کي اڳيان وٺي وڃڻو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پينشن لاءِ فنڊز جو ڳاڻيٽو هڪ ٽريلين روپين کان وڌي ويو آهي جيڪو ترقياتي بجيٽ کان وڌيڪ آهي، اسان کي ٻين شعبن لاءِ وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي. بجيٽ ۾ 10 ملين روپين کان وڌيڪ پينشن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ پينشن ڪنٽري بيوشن جي حوالي سان ترتيبوار سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيرف سڌارا بنيادي تبديليون آهن. ان سان ڪجهه صنعتون متاثر ٿينديون جنهن لاءِ وزيراعظم ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل شراڪتدارن کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي تبديلين جي عمل ۾ مدد فراهم ڪندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے