بريڪنگ نيوز

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ بجيٽ وڌيڪ رکي وڃي: قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ميمبرن پاڪ- ڀارت جنگ ۾ هٿياربند فوج جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته مسلمان اُمت کي ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي ۽ غزه ۾ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي متحد ٿيڻ گهرجي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ بجيٽ وڌيڪ رکي وڃي، هر تعلقي جي سطح تي يوٿ مرڪز قائم ڪيا وڃن، ڪراچيءَ لاءِ ڪي فور ۽ گرين لائن رٿا کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي وحدت المسلمين جي ميمبر حميد حسين چيو ته ايران دنيا ۾ اسلام دشمنن کي اکيون ڏيکاريون آهن، هاڻي هو معافي گُهري رهيو آهي ۽ جنگبندي جي آڇ ڪري رهيو آهي، پاڪستان جنهن انداز ۾ ايران جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان جو ساٿ ڏنو ان تي حڪومت جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته پارا چنار روڊ کوليو وڃي، هُتي ماڻهن کي وڏا مسئلا درپيش آهن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ناڻو ملڪ اُماڻي رهيا آهن، اسان جي علائقن جي ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، کين ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪرم ۾ دانش اسڪول قائم ڪيو وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر خرم شهزاد نواز چيو ته هٿياربند فوج ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻ تي کين مبارڪون پيش ڪريون ٿا، قوم به هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل رهي، ان تي سندن به شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلام آباد کي نئين اسپتالن جي ضرورت آهي، وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو، اميد آهي ته اهو جلد مڪمل ٿيندو. اسلام آباد جي رهواسين لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ وڌيڪ تعليمي ادارا کوليا وڃن، موجوده انفراسٽرڪچر بهتر بڻايو وڃي. پ پ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر اسد عالم نيازي چيو ته هڪ دهشتگرد ملڪ ۽ ملڪ جي قيادت طرفان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي هو حڪومت ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو، اثرائتي سفارتڪاري سبب دنيا پاڪستان جي مؤقف کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن ۽ وڏن وزيرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. ايف بي آر کي گرفتارين جا اختيار ڏيڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ سولرائيزيشن جو پروگرام شروع آهي ۽ ان دوران سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز آهي، ان تجويز کي واپس ورتو وڃي. هن چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ 80 سيڪڙو بجيٽ هڪ مخصوص علائقي لاءِ رکي وئي آهي ان کي منصفاڻو بڻايو وڃي. ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي رٿا لاءِ فنڊز رکيا وڃن. بجلي جي پيڪ ۽ نارمل آورز لاءِ سراسري جي بنيادي تي فارمولو بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي خريداريءَ جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي، ان سان آبادگارن کي فائدو پهچندو. مخالف ڌر ميمبر رياض فتيانه چيو ته فيسڪو منهنجي تڪ ۾ بجلي جي رٿا مڪمل ڪري، اتي ايڪسپريس وي جي قيام جو منصوبو ٻيهر شروع ڪيو وڃي. يونيورسٽي آف ڪماليه جي تعمير لاءِ فنڊز فراهم ڪيا وڃن. يورپ ۽ لاطيني آمريڪا جي اڪثر ملڪن ۾ معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي واري کي ناڻي وارو وزير بنائڻ سان انهن جي معيشت درست دڳ تي آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. زرعي بهتريءَ لاءِ ٽيوب ويل لاءِ بجلي ۾ رعايت ڏني وڃي. تماڪ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايا وڃن. سياسي پارٽين جي استحڪام لاءِ کين فنڊز فراهم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي ميمبر ارشد ووهرا چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ گهٽائي جيڪا 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جي ڊي پي ۾ پنجاب جو حصو 55 سيڪڙو آهي. ڪي پي ۽ بلوچستان جو حصو 15، ڪراچي کي ڇڏي سنڌ 5 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. ڪراچي لاءِ مناسب بجيٽ ناهي. اتي انڊسٽري هلائڻ لاءِ گيس ۽ پاڻي ناهي. ڪي فور کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊز ڏنا وڃن. ڪراچي جيڪڏهن صحيح هوندو ته سمورا قرض لهي ويندا. گرين لائن جو بياد ميان محمد نواز شريف جي دؤر ۾ رکيو ويو جڏهن ته اڄ تائين مڪمل ناهي ٿيو. ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي سي پيڪ جي رٿا هئي، جڏهن ته ان تي ڪم ئي شروع ناهي ٿي سگهيو. ان تي وزيراعظم ڌيان ڏي. علي زاهد بجيٽ ۾ حصو وٺندي چيو ته ڇِڪتاڻ جي ماحول ۾ حڪومت طرفان متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي ناڻي وارو وزير مبارڪن جو مستحق آهي، توانائي جي شعبي ۾ انقلابي بهتر آئي آهي، مهانگائيءَ جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، معاشي پاليسي ۽ سڌارن جي اندرون ملڪ ۽ عالمي سطح تي تعريف ٿي رهي آهي. هن چيو ته مودي ڪِرندڙ ساک کي بچائڻ لاءِ پهلگام جو فالس فليگ آپريشن ڪيو ۽ ان جي آڙ ۾ پاڪستان خلاف اڳرائي ڪئي، پاڪستان ڀارت کي اثرائتو جواب ڏنو آهي، اڄ پاڪستان محفوظ پوزيشن ۾ آهي ۽ ملڪ جي قيادت دانشمند ۽ بي خوف ليڊرز ڪري رهيا آهن. شهريار آفريدي چيو ته بجيٽ ۾ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ سندن حقن جو تحفظ ڪيو ويندو آهي، بجيٽ ڊيٽا جي بنياد تي بڻجي ٿو پر اسان وٽ لازمي ڊيٽا ناهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل وياج خلاف فيصلو ڏئي چڪي آهي، وياج جي سبب پاڪستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جي لڪير هيٺان زندگي گذاري رهيو آهي، هن چيو ته پي ايس ڊي ۾ ننڍن صوبن ۽ـ ضم ٿيل ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، قومون متحد ٿي حيران ڪندڙ فيصلا ڪنديون آهن ۽ ڪامياميون سهيڙينديون آهن. بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ قدم شامل ناهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران طرفان اسرائيل تي 100 کان وڌيڪ سپرسونڪ بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو، 14 اسرائيلي مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي

تل ابيب: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ رخ اختيار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے