بريڪنگ نيوز

اسرائيل جو ايران تي حملو خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسائيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملو خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيلي حملي سبب ٿيندڙ نقصانن تي هو ايراني عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسڻ جو انديشو آهي.هن چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ترت قدم کڻن ڇو ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا اثر علائقائي توڙي عالمي امن تي پئجي سگهن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ موجود پاڪستاني زائرين جي وطن واپسي ۽ انهن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي آفيس ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي زائرين جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بيان موجب وزيراعظم زائرين کي حفاظت سان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن خطي ۾ صورتحال معمول تي اچڻ تائين پرڏيهي آفيس ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي الرٽ رهڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے