بريڪنگ نيوز

عمران خان سياستدانن بدران رڳو فوج سان ڳالهائڻ چاهي ٿو: بلاول

برسلز / لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پ پ چيئرمين، پاڪستان جي پارلياماني وفد جي سربراهه ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت پاران هڪ طرفي طور تي ڪيل فيصلا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، اسان ڀارت سان ڳالهيون ڪري ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي جي مسئلن جو حل چاهيون ٿا، برسلز ۾ يورپي پارليامينٽ جي ٽريڊ ڪميٽي  سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، ڪميٽي جي سامهون پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، اسان ڀارت سان ڳالهيون ڪري ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي جا مسئلا حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته، ڪميٽي سان ملاقات پرڪشش رهي، پر يورپي يونين سان اڳيون ملاقاتون به شاندار رهيون آهن، يورپي يونين ڀارت سان تڪرار دوران اسان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، بين الاقوامي قانونن تحت اسين پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن تازي تڪرار کي ڏٺو وڃي ته عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي پاڪستان نه پر هڪ ڌر (ڀارت) ڪئي آهي، ٻي پاسي لنڊن ۾ بي بي سي اردو جي نمائندي حسين عسڪري سان هڪ خاص ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي ڇڪتاڻ جي موقعي تي ملڪ ۾ اتحاد لاءِ چاهيون ٿا ته عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿئي، پر عمران خان ته صرف فوج سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، جيستائين اتحاد جي ڳالهه آهي، ته جنگ دوران سڄو ملڪ گڏيل هو، اهو ڀارت جو غلط گمان هو ته شايد اسين ايترا ورهايل آهيون جو جنگ واري ماحول ۾ به گڏ نه ٿينداسين، پر ڀارت غلط ثابت ٿيو، وزيراعظم پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي مخالف ڌر کي اسپيڪر جي آفيس ۾ ملاقات جي آڇ به ڏني هئي، پر عمران خان جي سياست غير جمهوري ۽ غير پارلياماني رهي آهي، کيس ڪڏهن به جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي خواهش نه رهي آهي”عمران خان اڄ به چوي ٿو ته هو حڪومت سان نه، پر فوج سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، ان سوال جي جواب ۾ ته عمران خان جا اختلاف يا ته اسٽيبلشمينٽ سان آهن يا مسلم ليگ (ن) سان، ته ان مسئلي جي حل لاءِ ڇا پيپلز پارٽي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟ بلاول ڀٽو چيو ته "جيڪڏهن ملڪ جي مفاد ۾، جمهوري تسلسل جي بهتري لاءِ، ۽ سياسي استحڪام لاءِ ڪا به ڳالهه چئبي آهي ته پيپلز پارٽي سدائين پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ان وقت جڏهن سڀ ڌريون سنجيدگي سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار هجن، بلاول چيو ته "پيپلز پارٽي جو ريڪارڊ اوهان جي سامهون آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ وڌيڪ اتحاد هجي، سياست ۾ مفاهمت هجي، پر ڪوشش ٻنهي طرفن کان ٿيڻ گهرجي، مان خواهش ته رکي سگهان ٿو، پر پي ٽي آءِ ۾ اهڙي سياست نظر نه آئي، هو انتهاپسند سياست ڪن ٿا، انتهائي سخت موقف اختيار ڪن ٿا ۽ هڪ سياسي ماڻهو لاءِ انهن موقفن کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، "هن عمران خان بابت وڌيڪ چيو ته اوهان ملڪ جا اڳوڻي وزيراعظم رهيا آهيو، اوهان سياستدان آهيو، ۽ هر ڀيري اهو چوڻ ته اوهان سياستدانن سان ڳالهه نه ڪندا، اهو ان جو پنهنجو فيصلو آهي، بلاول ڀٽو واضح طور تي چيو ته پاڪستان جو موقف سچ تي ٻڌل ۽ تمام مضبوط آهي، پهلگام واقعي بابت آمريڪا ۾ موجود ڀارت جي حامين به اهو تسليم ڪيو آهي ته ڀارت ڪنهن به قسم جو ثبوت فراهم نه ڪيو آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قدمن کي آمريڪا ۾ ساراهيو ويندو آهي، آمريڪا وٽ ان بابت ڄاڻ ۽ زميني حقيقتون موجود آهن ته پاڪستان دهشتگرد گروپن سان ڪيئن منهن ڏيندو آهي؟، سنڌ طاس معاهدي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته هي پوري دنيا لاءِ هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي، "جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي حوالي سان پاڻي کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيو ٿا، ته سڀاڻي اهوئي عمل ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ به ٿي سگهي ٿو، هڪ ڏينهن اهو ڀارت لاءِ به ٿي سگهي ٿو، ڀارت هن معاملي ۾ انتهائي غير ذميوارانه موقف اختيار ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيستائين پاڪستان ۾ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه آهي، ته جتي اتفاقِ راءِ هوندو آهي، اتي ڊيم ٺهي ويندا آهن، جيئن ديامر ڀاشا ڊيم آهي، جيڪو منظور به ٿي چڪو آهي ۽ ان تي ڪم به جاري آهي، هن وقت جيڪڏهن پاڪستان اهڙو ڪو فيصلو ڪري، مثال طور تي ته اسين ڏهه ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، ته منهنجي خيال ۾ ان سان اسان جي بين الاقوامي حيثيت کي وڏو ڌڪ لڳندو، تنهن ڪري جيڪڏهن اسين اڄ کان ڀارت جو اهو موقف مڃي وٺون ته هو سنڌ طاس معاهدي مان نڪري چڪو آهي، ۽ ان موقف کي تسليم ڪري پنهنجون تياريون شروع ڪريون، ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسين اها جنگ هارائي وياسين، اسين ميدان ئي خالي ڪري ڇڏيون، اسين پاڻ ئي راند جي پچ تان هٽي وياسين، اندروني سياست پنهنجي جاءِ تي آهي، پر هر ڊيم بابت اوهان کي سياسي، فني ۽ معاشي پهلو ڏسڻا پوندا آهن، پر بين الاقوامي سطح تي سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت هڪ تمام وڏو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اوهان پاڻ چيو ته جيڪڏهن ان تي عملدرآمد ٿيو ته جنگ ٿيندي، ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي پاڻي جي فراهمي روڪي ٿو، ته اهڙي صورت ۾ جنگ ضرور ٿيندي،

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے