بريڪنگ نيوز

دهشتگرد گروپن جو افغان سرزمين جو استعمال لاڳاپن ۾وڏي رڪاوٽ آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگرد گروپن خاص ڪري تحريڪ  طالبان جو افغان  سرزمين  جو استعمال اسان جي گڏيل لاڳاپن ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي ويو آهي، اسحاق ڊار قومي اسيمبلي اجلاس ۾لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويوته ڀارت ڪشمير سميت سمورن حلقن جي مسئلن جي حل لاءِ   تعميري رابطه ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو جواب ۾ٻڌايو ته ڀارت تي زور ڏئي رهيا آهيون ته هو امن ۽ ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري، اسحاق ڊار چيو ته ٻه طرفو لاڳاپن ۾ مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان ذميواري سان ڪم جاري رکيو، لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي کي برقرار رکيو ويو آهي، هن چيو ته آڪٽومبر 2024ع ۾ ترڪارپور راهداري معاهدي  جي وڌيڪ  5 سالن لاءِ تجديد ڪئي وئي، پرڏيهي وزير ۽ ڊپٽي پرائم منسٽر جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي اسان جي سمورين ڪوششن جو هن وقت تائين افغانسان مان ڪوئي نتيجا ڏيندڙ جواب ناهي مليو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومتي تسلسل جو فيصلو پنج کان ڏهه سالن لاءِ ٿي ويو:راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے