بريڪنگ نيوز

اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو: محسن نقوي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ديسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجو خاص پيغام جاري ڪيو آهي.محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بدترين دشمن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارڙن ۽ معصوم استادن کي ناحق شهيد ڪيو، اهو ڏينهن اسان جي ان عزم جو مظهر بڻجي ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين.هن چيو ته ٻارن ۽ استادن پنهنجي قيمتي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو،وحشي دهشت گردن ننڍڙن گلن کي گوليون هڻي وحشياڻو تشدد ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن، پاڪ سرزمين بزدل دشمن لاءِ تنگ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم کي متحد ڪيو، سندن قربانيون پاڪستان جي هر فرد جي دل ۾ هميشه زنده رهنديون، شهيد ٻارڙا ۽ استاد پوري قوم جا هيرو آهن.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اسان اي پي ايس جي شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.هن چيو ته اڄ پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ڏُکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے