بريڪنگ نيوز
World Bank on glass building. Mirrored sky and city modern facade. Global capital, business, finance, economy, banking and money concept 3D rendering animation.

بجلي پيدا ڪندڙ تمام گهڻو منافعو کڻي رهيا آهن: عالمي بينڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده نظام مان بجلي پيدا ڪندڙ تمام گهڻو  منافعو کڻي رهيا آهن.عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نجي بن حسين اسلام آباد ۾ روشن مستقبل جي حوالي سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي انساني وسيلن جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻارن جي ذهني ۽ جسماني نشونما به هڪ وڏو مسئلو آهي. پاڪستان تمباڪو سميت سماجي طور تي نقصان ڏيندڙ شين تي ٽيڪس وڌائي.هن چيو ته پاڪستان ۾ ساليانو 7.2 کرب جي بجاءِ 14 کان 15 کرب روپين جي وصولي ٿي سگهي ٿي. ٽيڪسن جي شرح ۾ 3 سيڪڙو اضافي لاءِ ريئل اسٽيٽ ۽ زراعت تي ٽيڪس لڳايو وڃي. ڊگهي وقت لاءِ ٽيڪس وصولي، جي ڊي پي جي 9.6 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. پاڪستان کي امير طبقي تان ٽيڪس ڇوٽ کي ختم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته موجوده نظام مان بجلي پيدا ڪندڙن کي تمام گهڻو منافعو ملي رهيو آهي. بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ بدانتظامي سبب نقصانن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے