Home / پاڪستان / پنجاب ڪابينا ۾ به تبديلي جي لهر، شهباز گل مستعفي، عون چوڌري فارغ

پنجاب ڪابينا ۾ به تبديلي جي لهر، شهباز گل مستعفي، عون چوڌري فارغ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گِل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته عون چوڌري کي هٽائي سندس جاءِ تي آصف محمود کي صلاحڪار بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار جي ترجمان شهباز گل عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سندس استعيفيٰ جا ڪارڻ سامهون اچي نه سگهيا آهن. اُن کانسواءِ پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار عون چوڌري کي هٽائي سندس جاءِ تي آصف محمود کي وڏي وزير عثمان بُزدار جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي. آصف محمود کي هارٽيڪلچر ۽ سياحت کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آهن. عون چوڌري کي هٽائڻ ۽ آصف محمود جي صلاحڪار طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے