Home / پاڪستان / اتر وزيرستان واقعي جا ذميوار محسن داوڙ ۽ علي وزير آهن: فردوس عاشق

اتر وزيرستان واقعي جا ذميوار محسن داوڙ ۽ علي وزير آهن: فردوس عاشق

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خصوصي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ اتر وزيرستان واقعي جو ذميوار محسن داوڙ ۽ علي وزير کي قرار ڏئي ڇڏيو. اتر وزيرستان واقعي تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هي هڪ مائنڊ سيٽ هو جنهن ان وقت دهشتگرد کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ٽولو ٺاهي اسان جي فورس مٿان حملو ڪيو ويو. هنن دهشتگردن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ان وقت اسان دهشتگردن تائين پهچي وڃو ها. ان دهشتگردن کي بچايو نه وڃي ها ته هي افسوسناڪ واقعو نه ٿئي ها. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ مخالف ڌر جا اهي نادان دوست ڪٿي آهن ۽ هو ڪهڙو جواب ڏيندا هي سانحو ٿيو جنهن ۾ قوم جا هيرو دهشتگردن جو نشانو بڻيا. گاڏين ۾ ڌماڪيدار مادو لڳايو ويو هو جنهن جي پويان علي وزير ۽ محسن داوڙ افغان ايجنڊا کڻي هلي رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جهڙي طرح علي وزير ۽ محسن داوڙ پاڪستان جي مخالفن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن اڄ جو هي واقعو مخالف ڌر جي ان پارٽين جي لاءِ اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي جيڪي دهشتگردن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ هر دفعي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن انهن کي اسيمبلين ۾ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هن واقعي جا ذميوار محسن داوڙ، علي وزير ۽ ان جي ٽيم تي ٿئي ٿي. جيڪڏهن انهن انهيءَ وقت آپريشن کي نه روڪيو هجي ها ته ۽ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري رياست جي رٽ کي ڪمزور نه ڪيو هجي ها ۽ ان علائقي مان دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ ڏين ها ته هي واقعو نه ٿئي ها. هن چيو ته قوم جي پٽن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر حڪومت جي سياست  کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ رياست جي مفادن کي داءَ تي لڳائي رهي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ دشمن قوتن جي  بزدلانه قدم اسان جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته امن جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رهندي ۽ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے