ٺٽو/ ٺاروشاه(نمائيندن وٽان)ڪراچي ۾ هجوم هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل موبائيل ڪمپني جي ملازم ايمن جاويد جي مڪلي ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي. هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ڊرائيور اسحاق پنهور جي ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ محمد هاشم پنهور ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته مڙهه آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا. بيدرديءَ سان قتل ڪيل ٻنهي ملازمن جي جنازي ۾ ڪو به چونڊيل نمائندو شريڪ نه ٿيو. گذريل ڏينهن ٻنهي ملازمن کي مڇر ڪالوني ۾ جنوني ماڻهن جي هجوم پٿر، سروٽا ۽ ڏنڊا هڻي بي دردي سان قتل ڪيو هو. ٻنهي ملازمن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا هئا، ٻنهي مقتولن جي وارثن پاران قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
