Home / پاڪستان / ايف بي آر ڪنهن باقيدار کي گرفتار نه ڪندو، پهريان ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊت ٿيندو: شوڪت ترين

ايف بي آر ڪنهن باقيدار کي گرفتار نه ڪندو، پهريان ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊت ٿيندو: شوڪت ترين

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽيڪس باقيدار کي گرفتار نه ڪندو، پهريان ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊت ٿيندو پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو سينيٽ جون جيتريون سفارشون آيون آهن اهي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيتريون به فوڊ شيون آهن انهن تان ٽيڪس هٽايو آهي، آءِ ايم ايف 700 ارب جو ٽيڪس هڻڻ لاءِ چيو هو پر مان ان جي ڳالهه نه مڃي جڏهن ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن چيو ته بجيٽ تي آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي ملازمن تيار ڪيو بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي روزاني استعمال ٿيندڙ شين ۾ رليف نه ڏنو ويو آهي. حڪومتي اتحادي ميمبرن اپوزيشن کي جواب ڏيندي چيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي فنڊ ملي رهيا آهن پر صوبن اندر صحيح نموني سان خرچ نه پيا ٿين. ڪراچي جي ميئر کان سينيٽيشن ۽ پاڻي بابت اختيار صوبائي حڪومت وٺي ڇڏيا، آدمشماري بابت پنج سيڪڙو رعائشي بلاڪ جو آڊٽ ڇو نٿو ڪيو وڃي. جمعي تي سينيٽ ۾ بجيٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته سينيٽ خزاني ۾ پوري بجيٽ کي تفصيلي جائزو وٺڻ جو موقعو مليو پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏي ٿو قومي مالياتي ڪميشن کان پوءِ ئي بجيٽ ٿيڻ گهرجي. اهو الميو آهي ته جنهن صوبي سان منهنجو تعلق آهي اتي 13 سالن کان مالياتي ڪميشن ناهي آيو هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ ڪيترائي ترقياتي منصوبا رکيا جنهن تي ٿورائتو آهيان جنهن حد تائين ڪراچي جو قومي ناڻي ۾ ڪنٽيبيوشن آهي ان تي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي خزاني جو منهن کولي ڇڏڻ گهرجي هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي گادي وارو هنڌ آهي ٻين شهرن ۾ بي آر ٽي ۽ ميٽرو بسز ٺهيون ڪراچي ۾ ڀڳل ٽٽل ڌرين ۽ ٽٽل سيٽن واريون بسون ئي هلي رهيون آهن، ارسا صوبن کي مڪينيزم تحت پاڻي فراهم ڪري ٿو ڇا صوبا به پنهنجي ضلعن ۾ منصفاڻي نموني سان پاڻي فراهم ڪن ٿا هن چيو ته ڪراچي ۾ لائينن جي ذريعي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ٽينڪرز جي ذريعي پاڻي ڏنو پيو وڃي تنهنڪري لائينن جا ڪنيڪشن ڏيڻ بند ڪيا وڃن. هن چيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي فنڊ ملي رهيا اهن پر صوبن اندر صحيح نموني سان خرچ نه پيا ٿين هن چيو ته ماڻهو اسان سان سينيٽيشن ۽ پاڻي جا مسئلا ٻڌائين ٿا ته ڇا انهن کي اهو ٻڌايان ته سينيٽر جو ڪم پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ سينيٽيشن جو مسئلو حل ڪرڻ نه آهي رڳو ٽريفڪ پوليس چالان سان هڪ سال ۾ 61 ڪروڙ گڏ ڪيا آهن، زرعي شعبو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ڇو آهي، سمجهه ۾ ڳالهه نه آهي هن چيو ته ادمشماري بابت 5 سيڪڙو رعائشي بلاڪ جو آڊٽ ڇو نٿو ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعطم 2023 کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ جي پڪ ڏياري آهي موجوده بجيٽ ان لاءِ پنج ارب مخسوص ڪيا آهن هن چيو ته هڪ پ اسي جعلي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي 40-40 سالن کان رهندڙ رهواسين جا گهر ڪيرايا پيا وڃن. مشاهد حسين سيد چيو ته حڪومت جي خوشقسمتي آهي جو جنهن کي هڪ سٺو سيلز مين ناڻي وارو وزير مليو آهي، وفاقي ڪابينه 1.8 ٽريلين جي سڪوڪ بانڊز جي منظوري ڏني هي فيصلو خطرناڪ آهي، ان سان ڪوئي ٻاهريون هوائي اڏن ۽ موٽر ويز کي ڪنهن ٻين مقصدن لا3 به استعمال ڪري سگهي ٿو ان فيصلي تي غور ڪيو وڃي ڇو ته هي نيشنل سلامتي لاءِ خطرو آهي هن چيو ته سي پيڪ اڪنامڪ زونز ۾ چيني ڪمپنين جي ري لوڪيشن جو فيصلو بورڊ آف انويسٽمينت کي ڪرڻو هو بورڊ آف انويسٽمينٽ جو هاڻي ڪوئي چيئرمين نه آهي افغانستان ۾ جيڪو گند آمريڪا وڌو آهي جنهن جو نزلو اسان تي اڇلائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آمريڪا کي پاڪستان جي هن وقت سڀ کان گهڻي ضرورت آهي آمريڪا جون پاليسيون ناڪام ٿي ويون آهن آمريڪا اڪيلو رهجي ويو آهي هن چيو ته 30 ملين افغان مهاجرن جي بحالي لاءِ رکڻ سٺي ڳالهه آهي اهڙي غزه جي متاثرن لاءِ به امداد جو اعلان ڪرڻ گهرجي هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ مظلوم صحافي برادري آهي ان کي هيلٿ ۽ لائيف انشورنس ناهي ٿيندي حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ خاص قدم کڻي سينيٽر محمد عبدالقادر چيو ته ڪاري عينڪ پائي بجيٽ کي ڏسڻ اپوزيشن جي پراڻي عادل آهي. 3 هزار 80 ارب رپيا ڊيٽ سروسزنگ ۾ ڏئي رهيا آهيون قرض پرڻين حڪومتن ورتو آهي ۽ الزام پي ٽي آءِ تي لڳايو پيو وڃي هن چيو ته پاڪستان 60 سالن ۾ ايترو قرض ناهي ورتو جيتو (ن) ليگ پنج سالن ۾ ورتو وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي چيو ته ريلوي ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو وزيراعطم ريلوي لاءِ ري اسٽرڪچرنگ جو پروگرام ڏنو آهي، ڊاڪٽر عشرت ان تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، هي ري اسٽرڪچرنگ ئي ريلوي جي بقا آهي سنيٽ جي چيئرمين چيو ته ڊاڪٽر عشرت کي چئو اچي ايوان کي ٻڌائي ڇا هي اسٽرڪچرنگ ڪئي آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته ٽن سالن کان ڊاڪٽر عشرت ڪم ڪيو پر اسٽرڪچرنگ ڪٿي نظر نه پئي اچي اعظم سواتي چيو ته منهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي عمران خان جي ڪارڪردگي جي نشاني آهي هن چيو ته مان اهڙو وفاقي وزير آهيان جنهن ٻئي وزير کي حج ڪرپشن ۾ ٽنگيو عدالتي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ميان رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته بجيٽ کي آءِ ايم ايف جي پاڪستاني ملازمن تيار ڪيو. بجيٽ جا 2 رخ آهن هڪ حڪومت جو ۽ ٻيو عوام لاءِ آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ٻي ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهڻ جي خواهشمند اهي. پاڪستان پنهنجي معاشي خودمختياري کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته هڪ حڪومت ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته آءِ ايم ايف کي پاڪستاني حڪومت طرفان بجلي جو ٽيرف نه وڌائڻ تي ڳڻتي اهي هن چيو ته وزيراعظم چيو ته اسان آمريڪا تي بيس ڪئمپ نه ڏينداسين. ان وقت جي حڪومت کي به علم نه هو پر شمسي ايئربيس کي آمريڪا استعمال ڪري رهيو هو. هن چيو ته جڏهن سينيٽ ڪاغذ گريا ته جي ايڇ ڪيو ۾ موجود هيس ۽ نه ئي پرڏيهي آفيس ۾ موجود هيس. گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار مقرر ڪرڻ مهانگائي جي حساب سان ڪجهه نه آهي هن چيو ته ملڪ جو ڦيٿو مزدور هلائين ٿا. جڏهن ته مزدور کي ٻن ويلن جي ماني نه م لندي ان وقت تائين ملز جا ڦيثا نه هلندا 10 کان 11 سال گذري ويا پر اين ايف سي ناهي ڏنو ويو اين ايف سي جيڪڏهن پنجن سالن کان پوءِ به نه اچي ته بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ سينيٽ کي اجازت ڏني وڃي. ايف بي آر کي مني نيب ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. شوڪت ترين چيو ته ٽيڪس نه ڏيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي اختيار بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪيو ايف بي آر جي گرفتاري ۾ حراسمنٽ اهي ٿرڊ پارٽي کي شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته ايف بي آر جي سمورين سفارشن کي آڊٽ ۾ شامل نه ڪيو ويندو. ٽيڪس پيئرز کي گرفتار نه ڪنداسين صرف ڳالهه ڪئي ويندي هن چيو ته 15 ملين ماڻهن جي لسٽ آئي آهي، جن کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي پر ٽيڪس نه پيا ڏين. ٿرڊ پارٽي آڊٽ کان پوءِ به ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويندو ان شق جي ذريعي فيصلي جو اختيار ناڻي واري وزير کي ڏنو ويو. هن چيو ته اسان ٽيڪس نيٽ جو دائرو وڌائيداسين جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ۾ آڻينداسين هن چيو ته اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل ٿي سگهن ٿا جڏهن ته اهي ٽيڪس نٿا ڏين اهڙن 15 ملين ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ اندو ويندو جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فائزر ويڪسين جي اجازت، جولاءِ ۾ ڪرونا جي نئين لهر جو خدشو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے