Home / پاڪستان / لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 17 زخمي

لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، 17 زخمي

لاهور (مانِٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪو جوهر ٽائون ۾ هڪ گهر ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن جا شيشا به ڀڄي پيا ۽ اتي بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو. ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمين کي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال منتقل ڪيو. سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ذريعن موجب اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ڌماڪو ڪنهن ڊوائس ذريعي ڪيو ويو يا وري ڪنهن گئس پائپ لائن جو هو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ بم ڊسپولز اسڪواڊ علائقي جو گهيرو ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن کي بنا دير قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن زخمين جي علاج جي بهتر سهولتن جي هدايت ڪندي جناح ۽ ٻين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، وفاقي جاچ ادارا پنجاب حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فائزر ويڪسين جي اجازت، جولاءِ ۾ ڪرونا جي نئين لهر جو خدشو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے