بريڪنگ نيوز

نگران ناڻي واري وزير جي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات،معيشت بابت ڳالهيون

مراڪش (ويب ڊيسڪ)نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر مراکش ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي.ان حوالي سان ناڻي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڊي آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شمشاد اختر ۽ مختلف ملڪن جي ناڻي واري وزيرن شرڪت ڪئي.بيان موجب ملاقات ۾ عالمي معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بيان موجب نگران ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.ان کان علاوه شمشاد اختر مراکش ۾ عالمي ريٽنگ ايجنسين موڊيز ۽ سينڊر اينڊ پورز جي وفدن سان به ملاقاتون ڪيون آهن.ان دوران ناڻي واري وزير مثبت ريٽنگ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ شفافيت جي عزم کي ورجايو ۽ معاشي استحڪام، مالياتي گورننس ۾ بهتري ۽ سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراسنگ پوانئٽس تي سهولت لاءِ عورتون ۽ ٻارڙا بائيوميٽرڪ کان آجا هوندا: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪراسنگ پوانئٽس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے