بريڪنگ نيوز

سائفر ڪيس، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم، نوٽيس جاري

اسلام آباد (رپورٽر) سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خاص عدالت جي جج ابوالحسنات سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل سائفر ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران جج چيو ته شاهدن جا بيان جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ عدالت سپرٽنٽنڊٽ اڊيالا جيل کي چار آڪٽوبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. انکانپوءِ عدالت جي عملي وڪيل خالد يوسف کي چيو ته سائفر ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ ۾ هڪ ڏينهن لڳندو، چالان جي ڪاپي پرينهن فراهم ڪئي ويندي. عدالتي عملي وڪيل کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے