نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان جي معيشت ڪمزور ٿي سگهي ٿي، دفاع ڪمزور ناهي:شيخ رشيد

پاڪستان جي معيشت ڪمزور ٿي سگهي ٿي، دفاع ڪمزور ناهي:شيخ رشيد

مظفرآباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظ۾ نريندر مودي کي جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.مظفرآباد جي سينٽرل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪشمير آهي.هن جو چوڻ آهي ته مودي جو عقل جواب ڏئي چڪو آهي، والاريل وادي ۾ حريت اڳاوڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪمزور ٿي سگهي ٿي، دفاع ڪمزور ناهي، مودي کي جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، مودي ڦاسي ويو آهي کيس وڃڻ نه ڏينداسين. هن جو چوڻ آهي ته ڪوبه ملڪ جنگ نه ٿو چاهي پر مودي مڪمل منصوبابندي سان آرٽيڪل 370 کي ختم ڪيو.هن ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان اڄ آزاد ڪشمير ۾ تاريخي خطاب ڪري رهيو آهي ۽ 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيملي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان دنيا کي واضح پيغام ڏيندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے