Home / انٽرنيشنل / چيني صدر شي جن پنگ سان گڏجي آءُ ڏکڻ ڪوريا به ويندس: ٽرمپ

چيني صدر شي جن پنگ سان گڏجي آءُ ڏکڻ ڪوريا به ويندس: ٽرمپ

نيويارڪ(مانيٽرنگ ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان کي ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي اهي. ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾  ٻڌايو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ سان گڏ ملاقات ۽ ڪجهه اهم ملاقاتن کان پوءِ هو چيني صدر سان گڏ ڏکڻ ڪوريا ويندو. آمريڪي صدر اتر ڪوريا جي اڳواڻ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو ان سان ڊي ايم زي بارڊر تي ملاقات ڪندو ۽ هٿ ملائيندو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان گڏ ناشتي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ جو ڪم جونگ اُن سان ملاقات جي حوالي سان چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪم جونگ اتي مليو ته ان سان ٻن منٽن جي لاءِ ملاقات ضرور ڪندس. اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي پهرين ملاقات به ڊي ايم زي تي ٿي هئي. صدر ٽرمپ جاپان ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا روانو ٿيندو ۽ هو ٻن ڏينهن جي دوري تي سيئول به ويندو. جنهن جو مقصد اتر ڪوريا سان ايٽمي هٿيارن بابت ڳالهيون ڪرڻ آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي معاملي تي دوکو پيو ڪري: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪم جونگ ۽ ٽرمپ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے