Home / سنڌ / نقيب الله قتل ڪيس، جوابدارن جي وڪيل کي آخري مهلت

نقيب الله قتل ڪيس، جوابدارن جي وڪيل کي آخري مهلت

ڪراچي(مانِترنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي جوابدارن جي وڪيلن کي دليلن جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي. جسٽس آفتاب گورڙ ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ آڏو نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نقيب الله جي والد ۽ جرڳي جا اڳواڻ عدالت پهتا جڏهن ته اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار پيش نه ٿيو، عامر منسوب موقف اختيار ڪيو ته جوابدار رائو انوار پيش نٿو ٿي سگهي مهلت ڏني وڃي. مدعي جي وڪيل موقف ڏنو ته جوابدارن طرفان شاهدن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، جوابدارن طرفان شاهدن جي حياتي کي خطرو آهي، رائو انوار ۽ ٻين جون ضمانتون رد ڪري جيل موڪليو وڃي، عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي آخري مهلت ڏيندي 14 مئي تي هر صورت دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے