نڪور خبرون
Home / شوبز / بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر هراساني جي الزامن مان آجو

بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر هراساني جي الزامن مان آجو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر کي ناڪافي ثبوتن جي ڪري جنسي هراساني جي الزامن ۾ ڪلين چٽ ملي وئي. بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا گذريل سال اداڪار نانا پاٽيڪر  تي جنسي هراساني جو الزام لڳايو هو ۽ سندس خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪئي هئي جڏهن ته ممبئي پوليس نانا پاٽيڪر کي ان ڪيس ۾ ڪلين چٽ ڏيندي ڪيس بند ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته کين نانا پاٽيڪر خلاف ڪوبه ثبوت ناهي مليو، پر ان تي الزام هڻندڙ اداڪارا تنوشري دتا ڪيس بند ٿيڻ ۽ نانا پاٽيڪر کي ڪلين چٽ ملڻ تي خوش ناهي. اداڪارا تنوشري دتا ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اهو تمام خراب ٿيو آهي ڇو ته نانا پاٽيڪر ڪافي عرصي کان ڪلين چٽ ملڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو. تنوشري چيو ته مان پهريان به چئي چڪي آهيان ته اسان جي شاهدن کي ڌمڪي واريون فون ڪالون آيون هيون ۽ انهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو پنهنجا بيان پوليس کي رڪارڊ نه ڪرائين، اسان جا 10 شاهد هئا جن مان صرف هڪ يا ٻن جا بيان رڪارڊ ٿيا، ٻين شاهد ڌمڪين سبب سامهون ئي نه آيا.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان پناهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جو حصو بڻي

اسلام آباد(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهره خان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے