نڪور خبرون
Home / سنڌ / ايم ڪيو ايم ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ پئسا ورهايا آهن؛ فاروق ستار

ايم ڪيو ايم ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ پئسا ورهايا آهن؛ فاروق ستار

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار ڊپٽي ميئر  ڪراچي جي چونڊن  ۾ متحده قومي موومينٽ جي مٿان پئسا ورهائڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نئين وفاقي ڪابينا جي پوري قوم کي مبارڪ هجي. نئين ڪابينه ۾ معاون خصوصي به گهڻا آهن. هڪ سال به پورو ناهي ٿيو ته نئين ڪابينا بڻائي وئي آهي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته بيٽنگ آرڊر کي هيٺ مٿانهين ڪرڻ سان ڇا پريشانيون ختم ٿي وينديون.؟  هن چيو ته سنڌ ۾ جيتريون به بدليون ۽ مقررريون ٿين پيون ان ۾ خاص ماڻهو ملوث آهن. پاڻي جو مسئلو وڌي رهيو  آهي جنهن طرف ڪابه توجه نه پئي ڏني وڃي. سرڪيولر منصوبا به ڪچري جي ڊٻن ۾ اڇلايا ويا آهن. فاروق ستار چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ الله تعاليٰ پاڪستان جي عوام مٿان رحم ڪري باقي هنن حڪمرانن ته غريب عوام کي مارڻ جو سوچي ويٺا آهن. ڪابينا جي تبديلي حڪومت ۽ سموري ٽيم جي ناڪامي آهي. هن چيو ته زرداري ۽ ٻين جي خلاف جاچ هلي رهي آهي ته جيڪي آفيسر آهن انهن جي خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي ته مون کي اختيار ناهن. واٽر بورڊ منهنجي هٿ ۾ ناهي. اها ڳالهه غلط آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن نه ٿئي، ڊپٽي ميئر اليڪشن ۾ ماڻهن کي پئسا ڏئي خوش نه ڪري ها ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي سگهيو ٿي. فاروق ستار الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ پئسو ورهايو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے