Home / پاڪستان / نيب چيئرمين جو لاهور بيورو جو دؤرو، آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن بابت بريفنگ

نيب چيئرمين جو لاهور بيورو جو دؤرو، آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن بابت بريفنگ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪالهه سومر ڏينهن لاهور بيورو جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل نيب لاهور طرفان کيس ميگا ڪرپشن ڪيسن خاص ڪري شريف فيملي بابت ڪيسن جن ۾ آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ڪيس شامل آهن، ان حوالي سان جامع بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين نيب طرفان فيصلو ڪيو ويو ته شريف فيمليءَ جي سڀني ڪيس هو پاڻ سڌو سنئون نگراني ڪندو. جڏهن ته جسٽس (ر) جاويد اقبال نصرت شهباز، رابعه عمران ۽ جويريه علي کي نيب لاهور طرفان موڪليل طلبي جي نوٽيس ڪينسل ڪرڻ ۽ کين لاڳاپيل ڪيسن جي حوالي سان نيب کي گهربل معلومات جي لاءِ سوالنامي موڪلڻ جا حڪم صادر ڪيا. نيب لاهور طرفان شريف فيمليءَ جي عورتن کي آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سوالناما موڪلياويندا. ڄاڻايل قدم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته نيب عورتن جي تقدس، حرمت، عزت، چادر ۽ چار ديواريءَ تي مڪمل يقين رکي ٿو. ان موقعي تي نيب جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسيءَ تي سختيءَ سان عمل پيرا آهي، جڏهن ته نيب جي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان وابستگي نه آهي، نيب هڪ خودمختيار ادارو آهي ۽ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه اچي قانون ۽ آئين پاڪستان کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. نيب جي نظر ۾ سڀئي ملزم برابر آهن، جڏهن ته سڀني ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ميرٽ ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي ئي جلد کان جلد منتقي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته نيب جي وابستگي صرف ۽ صرف پاڪستان جي رياست سان آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے