نڪور خبرون
Home / سنڌ / تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ 104 ماڻهن جي اسڪريننگ. 11 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق

تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ 104 ماڻهن جي اسڪريننگ. 11 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق

لاڙڪاڻو(رپورٽر) صحت کاتي طرفان تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي مرض جي نشاندهي لاءِ اسڪريننگ ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مجموعي طور تي 104 ماڻهن جي اسڪريننگ دوران 11 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ڪئي وئي. اهڙي ريت نئين انگ اکرن موجب ايڇ آءِ وي مريضن جو تعداد 604 مان وڌي 615 ٿي ويو آهي.  هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي عالمي ماهرن جي ٽيم ميمبرن پاران ڪالهه تعلقي اسپتال رتوديرو جو دورو ڪيو جتي هنن بلڊ اسڪريننگ واري عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت گرمي ۾ اسڪريننگ ڪٽس کي فرج يا آئيس باڪس ۾ رکڻ جون هدايتون ڏنيون. عالمي ماهرن جي ٽيم طرفان بلڊ اسڪريننگ ڪٽس جو به جائزو ورتو ويو، ڪٽس جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ بعد ٽيم ڪٽس باڪس پاڻ سان گڏ کڻي ويا. هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جي ٽيم طرفان 26 هزار کان وڌيڪ بلڊ اسڪريننگ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے