Home / پاڪستان / هاءِ ڪورٽ جو ڊاڪٽر عبدالقدير جي آخري صحيح ٿيل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس، ٽن هفتن ۾ جواب طلب

هاءِ ڪورٽ جو ڊاڪٽر عبدالقدير جي آخري صحيح ٿيل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس، ٽن هفتن ۾ جواب طلب

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري صحيح ٿيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. پي ايم سي جا امتحان ۽ شگردن تي تشدد جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري صحيح ٿيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا ته گهرو وزارت ۽ صحت واري وزارت ٽن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائين عدالت گهرو وزارت کان ميڊيڪل جي شاگردن جي خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ به گهري ورتو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا شاگرد تشدد وگهي زخمي ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيا. رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. اين ايل اي ٽيسٽ ڪيئن ورتي پئي وڃي. پراسس کان آگاهه ڪيو وڃي. واضح رهي ته ايڊووڪيٽ وقاص ملڪ عبدالقدير خان جي درخواست صحيح ٿيل آخري درخواست گذريل ڏينهن سندس لاڏاڻي کان پوءِ پاڻ داخل ڪئي هئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت ۾ آهي پر حالتون توهان جي سامهون آهن : شاهه محمود قريشي

نئون ديرو/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اين ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔