Home / شوبز / سجل ۽ جهانوي جي ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو وائرل

سجل ۽ جهانوي جي ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو وائرل

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سجل علي ۽ ليجنڊ ڀارتي اداڪارا سري ديوي جي ڌيءَ جھانوي ڪپور جي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. سجل علي کي دبئي ۾ جاري فلم فيئر مڊل ايسٽ ايوارڊز جي تقريب دوران جھانوي ڪپور کي ڀاڪر پائيندي ڏسي سگھجي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي شوبز ستارن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سجل علي کان علاوه همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ فلم موم جي شوٽنگ دوران سجل علي جا سري ديوي ۽ سندس ڌيءَ سان سٺا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا، جنهن جو هن ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪيو هو. اداڪارا چيو ته ساڻس لاڳاپن ۾ ويجهڙائي هئي ۽ ان وقت جيڪو رشتو قائم ٿيو اهو تمام خاص هو، اسان لاءِ محبت وارو رشتو پروفيشنل زندگي جو نه پر ذاتي زندگي جو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشهور پاڪستاني اداڪارا مرينا خان به ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي(شوبز)مشهور پاڪستاني اداڪاره مرينا خان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پئي آهي.”تنهائيان“ ۽ ”ڌوپ ڪناري“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے