Home / پاڪستان / ايم ڪيو ايم جي معاهدن تي عمل نه ٿيڻ جي وزيراعظم کي شڪايت

ايم ڪيو ايم جي معاهدن تي عمل نه ٿيڻ جي وزيراعظم کي شڪايت

ڪراچي(رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم کي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.اتحادي پارٽي جي شڪايت تي وزيراعظم معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو يقين ڏياريو.پاڪستان پيپلز پارٽي سان ٿيل معاهدي ۾ سستي جي شڪايت ڪندي ايم ڪيو ايم چيو آهي ته معاهدي جا ڪيترائي اهم معاملا اڃا حل ناهن ٿيا.وزيراعظم ايم ڪيو ايم  کي يقين ڏياريو ته پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪري معاهدي تي عمل ڪرايو ويندو.وزيراعظم چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏجي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.ٻئي طرف ايم ڪيو ايم چيو آهي ته مڪاني ادارن واري مسودي تي ڪا به قانون سازي ناهي ڪئي وئي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ڪيو ويو.وزيراعظم معيشت بابت فيصلن تي ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ ورتو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے