نوابشاهه(عيوضي)وزيراعظم شهباز شريف نواب شاهه پهچي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آھي. وزيراعظم شھباز شريف نوابشاهه پهتو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. زرداري هائوس ۾ تعزيت دوران پ پ اڳواڻ به موجود هئا.
