جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد ۾ مڪاني چونڊون جي پولنگ شروع ٿيڻ کان 17 ڪلاڪ اڳ سٽي ٿاڻي جي حد مولاداد ڦاٽڪ وٽ دستي بم ڌماڪو ٿيو ـ جنهن ۾ ٻن پوليس اھلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ زودار ڌماڪي جو آواز ڀرپاسي جي علائقي ۾ ٻڌو ويو ـ اطلاع تي پوليس پھچي زخمين کي سول اسپتال پھچايو جتي زخمن جا سور نه سھي زخمي غلام مصطفي جکراڻي مارجي ويو ـ زخمين ۾ ٺٽي کان اليڪشن ڊيوٽي لا۽ آيل پوليس اھلڪار فياض چوھاڻ ـ ٽريفڪ اھلڪار اياز ٽالاڻي ـ راھگير غلام نبي ڊومڪي ـ سيف الله لاشاري ـ غازي خان چانڊيو ـ قادربخش لاشاري سميت 8 ڄڻا شامل آهن ـ جن مان اياز ٽالاڻي سميت ٻن ڄڻن کي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو ـ ھوڏانھن پوليس مڙسي ڪري مبينا بم ڌماڪي جي جوابدار محمد عثمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي ـ جيڪو بلوچستان جي شھر سبي جو رھواسي ٻڌايو وڃي پيو ـ جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا لا۽ پوليس ۽ رينجرس سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ـ ٻئي پاسي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي جمس اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي ـ بعد ۾ ميڊيا سان اعجاز جکراڻي چيو ته جوابدار جو حدف ڀرسان بيٺل سڪيورٽي اھلڪارن جي گاڏي ھئي ـ اسان جي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو ـ
