ڪراچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڪهڙي تبديلي پسند ڪئي، وقت اچي ويو آهي ته اسان هن سلڪٽڊ شخص کي گهر موڪليون، اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي. حيدرآباد ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوامي مارچ تي عوام جو شڪر گذار آهيان، مان هتي ٻيهر توهان جي مدد لاءِ آيو آهيان، اسان هن ملڪ جي عوام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، جتي معاشي بحران هجي اتي مزدورن سان گڏ واحد پارٽي توهان جي پيپلز پارٽي هوندي آهي. هن چيو ت پيپلز پارٽي هميشه مزدور دوست رهي آهي، مزدورن کي حق ڏنا آهن، مزدورن کي اسان اڳ ۾ به حق ڏنا آهن ۽ اڄ به ڏئي رهيا آهيون، اڳي کان وڌيڪ پئسا هاڻي رکينداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي هارين لاءِ وڙهندي آهي، هارين جا مسئلا، پاڻي جي کوٽ لاءِ وڙهي آهي، جڏهن ماڪڙ حملو ڪيو ته صدر زرداري آواز اٿاريو، اسان نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي اسان حق ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جَي لانگ مارچ جو ٻيو ڏينهن، بلاول ڀٽو زرداري جِي قيادت ۾ قافلا ماتلي کان ٽنڊو محمد خان لاءِ نڪرندا، پ پ چيئرمين مختلف شهرن کان ٿيندو حيدرآباد پهچي ڪارڪنن کي خطاب ڪندولانگ مارچ ۾ شامل جيالن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آھن، ماتلي ۾ لانگ مارچ جا قافلا موجود آھن، جڏھن تھ سنجر جانگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ تنگ آهياسان سليڪٽڊ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سليڪٽڊ کي ھر صورت ۾ گھر وڃڻو پوندو.
