Home / پاڪستان / پارٽي جي خلاف بيانن تي پيپلزپارٽي فرخ حبيب کي چئلينج ڪري ڇڏيو

پارٽي جي خلاف بيانن تي پيپلزپارٽي فرخ حبيب کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پارٽي جي خلاف بيانن تي پيپلزپارٽي مملڪتي وزير فرخ حبيب کي چئلينج ڪري ڇڏيو پنهنجي بيان ۾ سليم مانڊوي والا چيو ته فرخ حبيب جا پيپلزپارٽي جي فنانشل دستاويزن تائين پهچ بابت بيان ڪوڙ ۽ حقيقتن جي خلاف آهن، جعلي اڪائونٽس ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هي آهي سليم مانڊوي والا چيو ته فيصلي کان اڳ فرخ حبيب پيپلزپارٽي تي 12 اڪائونٽ لڪائڻ جو الزام مڙهي پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان اڳ ئي فرخ حبيب جا بيان ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي برابر آهي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان اڳ فرخ حبيب ڪيس جو فيصلو ڪيئن ٻڌائي ڇڏيو اليڪشن ڪميشن فرخ حبيب جي انهن بيانن جو ترت نوٽيس وٺي هن چيو ته پيپلزپارٽي اڪائونٽس بابت سمورا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، فرخ حبيب کي چئلينج ڪريون ٿا ته پيپلزپارٽي تي لڳايل الزام ثابت ڪريو، سليم مانڊوي والا چيو ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته پيپلزپارٽي نه پر پاڻ تحريڪ انصاف جعلي اڪائونٽس ڪيس کان ڀڄي رهي آهي، وفاقي وزيرن جي اليڪشن ڪميشن تي حملن جو هڪ سبب اهو به آهي ته کين خبر آهي ته سندن چوري پڪڙي پئي وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز ۽ صفدر ضمانت جو ناجائز فائدو پيا وٺن، رد ڪئي وڃي: نيب جي استدعا

اسلام آ باد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے