Home / رانديون / ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پهريون ڀيرو پاڻي جو وقفو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پليئنگ ڪنڊيشنز موجب ورلڊ ڪپ ۾ ڊي آر ايس جو به استعمال ٿيندو، جڏهن ته ڊڪ ورٿ ليوس ميٿڊ لاءِ به قانونن ۾ معمولي تبديلي ڪئي وئي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آءِ سي سي پليئنگ ڪنڊيشنز کي تبديل ڪندي شق 11 ۾ پاڻي جي وقفي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اهو وقفو هر اننگز جي 10 اوورن کانپوءِ ٿيندو، وقفي جو دورانيو اڍائي منٽ مقرر ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن هڪ اننگز 14 اوورن يا ان کان گهٽ تائين محدود ٿي ته پاڻي جو وقفو نه ٿيندو. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته پاڻي جي وقفي دوران ليگز ۾ ٿيندڙ اسٽريٽيجڪ ٽائم آئوٽ جيان هيڊ ڪوچن کي رانديگرن سان گفتگو جي اجازت هوندي. آءِ سي سي برسات سان متاثر ميچن لاءِ قانونن ۾ به معمولي تبديلي ڪئي آهي، عام ميچن ۾ ته برسات سان متاثر راند جو نتيجو ڪڍڻ لاءِ ٻي اننگز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 اوورن جي راند لازمي ئي هوندي پر سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ ٻي اننگز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 اوورن جي راند لازمي قرار ڏني وئي آهي. گڏوگڏ هن ڀيري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو ڊي آر ايس جو به استعمال ڪيو ويندو ۽ هر ٽيم وٽ 2-2 ري ويو سسٽم هوندا. آءِ سي سي پليئنگ ڪنڊيشنز موجب ميچ ٽاءِ ٿيڻ جي صورت ۾ سپر اوور ٿيندو ۽ سپر اوور ٽاءِ ٿيڻ جي صورت ۾ هاڻ ٻيهر سپر اوور ٿيندو ۽ جيستائين فاتح جو فيصلو نٿو ٿئي، سپر اوورز جو سلسلو جاري رهندو. سيمي فائنل مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪا ٽيم بهتر پوزيشن تي هوندي اها فائنل کيڏندي، فائنل ڪنهن به صورت ۾ مڪمل نه ٿيڻ تي ٻنهي فائنلسٽ ٽيمن کي گڏيل طور فاتح قرار ڏنو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريٽ لي ڀارت جي لاءِ ڳري رقم عطيو ڪري ڇڏي

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر بريٽ لي به پيٽ ڪمنس جي واٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے