Home / دنيا / ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٽي ڪشميري شهيد
(FILES) In this file photo taken on August 17, 2021 Indian policemen detain a Kashmiri Shiite Muslim as devotees defy restrictions for a Muharram procession in Srinagar. - Demonstrations used to happen almost weekly in Indian-administered Kashmir, but now locals say that a state-imposed climate of fear scares them from speaking out two years after New Delhi brought the territory under direct rule. (Photo by Abid Bhat / AFP)

ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٽي ڪشميري شهيد

ڪراچي(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ٽي ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج هڪ نوجوان کي شوپيان ضلعي جي تالان واري علائقي ۾ ، هڪ کي اسلام آباد ۽ هڪ کي باندي پوره ۾ شهيد ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير جي پونڇ ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران هڪ حملي ۾ هڪ آفيسر سميت 5 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج تي حملو ان وقت ٿيو جه اهلڪار پونڇ ضلعي جي علائقي سرن ڪوٽ ۾ گهر گهر تلاشي وٺي رهيا هئا.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے