نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڱاري تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڱاري تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻُڌڻي  اڱاري تي ڪندي. احتساب عدالت جي رجسٽرار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن هتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اڱاري تي جوڊيسل ڪمپليڪس ۾ ٿيندڙ ڪيس جي ٻُڌڻي بابت انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ڪنهن به غير واسطيدار شخص کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان حوصلي مان فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو ويندو پر ميڊيا جي نمائندن کي عدالت ۾ اچڻ جي اجازت هوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے