Home / پاڪستان / فائزر ويڪسين جي اجازت، جولاءِ ۾ ڪرونا جي نئين لهر جو خدشو آهي: اسد عمر

فائزر ويڪسين جي اجازت، جولاءِ ۾ ڪرونا جي نئين لهر جو خدشو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪورونا وئڪسين جي حوالي سان نيون گائيڊ لائينز جاري، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جتي چييني وئڪسين کي نٿو مڃيو وڃي، اُنهن ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي فائيزر وئڪسين لڳائي ويندي، ملڪ اندر جولاءِ مهيني ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي سگهي ٿي، مضبوط وئڪسينيشن پروگرام جاري نه رهڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي لهر وڌي ويندي، شهري ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي، ويڪسين لڳرائين، جدي کان ڪراچي پهتل 17 مسافرن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق، متاثر مسافرن کي سعودي عرب مان ڊيپورٽ ڪيو ويو هو. وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ۽ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي مهم صحيح طريقي سان جاري نه رهي ته پاڪستان ۾ موذي وبا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنياد تي لڳايو ويو جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ مضبوط ويڪسينيشن پروگرام جاري نه رهڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي.وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر کان بچڻ لاءِ شهرين کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ويڪسينيشن ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے