Home / پاڪستان / گيس ۽ بجلي بحران جي ڳالهيون ڳڻتي جوڳيون آهن: شهبازشريف

گيس ۽ بجلي بحران جي ڳالهيون ڳڻتي جوڳيون آهن: شهبازشريف

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف گئس ۽ بجلي جي نئين بحران جي اطلاعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ايندڙ مهيني کان واهپيدارن لاءِ گئس ۽ بجلي جي کوٽ نئين بحران جا اطلاع افسوسناڪ آهن موجوده حڪومت بدترين انتظامي تخريب سان ملڪ ۽ عوام جي مسئلن ۾ روزانو واڌارو ڪري رهي آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيوت ه هڪ پاسي آر ايل اين جي ۾ ٽيڪس ۾ واڌ سان لاڳت وڌندي ته ٻئي پاسي بجلي گئس جي فراهمي متاثر ٿيندي ايندر مهيني کان آر ايل اين جي پلانٽ جي بندش جو مطلب  ڊيزن ۽ فرنس جهڙي مهانگي ٻارڙن سان بجلي جي پيداوار ٿيندي هن چيو ته بجلي ٺاهڻ جي لاڳت وڌاڻ سان عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار پوندو جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته پلانٽ جي مرمت ۽ صفائي جو ڪم نه به بند ڪيو ويو تڏهن به ان جو نتيجو ڳري قيمت ادا ڪرڻ جي صورت ۾ قوم کي ئي ڀوڳڻو پوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فائزر ويڪسين جي اجازت، جولاءِ ۾ ڪرونا جي نئين لهر جو خدشو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اين سي او سي پرڏيهه ويندڙ شهرين کي فائزر ويڪسين لڳائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے